جامع مسجد پير ذاڪري

جامع مسجد پير ذاڪري

جامع مسجد پير ذاڪري

جامع مسجد پير ذاڪري: ڳوٺ پير ذاڪري تعلقي سڪرنڊ ۾ جامع مسجد موجود آهي، جيڪا پير ذاڪري'>جامع مسجد پير ذاڪري سڏجي ٿي. هن مسجد جي رٿا، نقشو ۽ ڊزائين پير سائين محمد شاهه ذاڪريءَ پاڻ بيهي تيار ڪرائي ۽ پنهنجي دور جي تعمير جو نادر نمونو آهي. مسجد جي مهاڙي ۾ ٽي دروازا پانيلن سان ڪاشي سان سينگاريل نوڪي ونگن سان ٺهيل آهن، وچون دروازو پاسي وارن دروازن کان وڏو آهي. هن مسجد جي ڇت تي هڪجيترا 6 گنبذ آهن ۽ هر گنبذ ۾ چار چار ڳڙکيون ٺهيل آهن، جنهنڪري مسجد گرميءَ جي موسم م به هوادار هوندي آهي، گنبذن جي وچ تي هيٺئين پاسي البازار ٺهيل آهي، جنهن ۾ وظيفن ۽ چله ڪشيءَ لاءِ جايون جڙيل آهن. مسجد جي آخري مٿين منزل تي چڙهڻ لاءِ پاسي کان ڏاڪڻ به ٺهيل آهي. هن مسجد کي 6 مينار آهن، جن مان چار وڏا چئن ڪنڊن تي ۽ ٻه ننڍا مسجد جي مهاڙيءَ ۾ ٺهيل آهن. هن مسجد تعمير ڪرڻ وارن رازن جو اڳواڻ غلام نبي هو، هيءَ مسجد 1930ع ۾ ٽن سالن جي عرصي ۾ جڙي راس ٿي. مسجد جي صحن جي هڪ پاسي خوبصورت وضو خانو ٺهيل آهي. ان کانسواءِ اذان ڏيڻ جي جاءِ به انهيءَ طرف آهي. هن مسجد تي ڪاشيءَ جو انتهائي خوبصورت ۽ ديده زيب ڪم ٿيل آهي. هي مسجد 45 فوٽ ويڪري ۽ 66 فوٽ ڊگهي آهي. جڏهن ته مسجد جي آڏو 67x75 فوٽن جو وڏو ٿلهو ٺهيل آهي، جيڪو مختلف مذهبي اجتماعن ۾ استعمال ٿيندو آهي.





لفظ جامع مسجد پير ذاڪريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو